سنڌ

فريد آباد باهه واقعو: اڳوڻي ڊي سي ۽ ايڊمنسٽريٽرن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

فريد آباد ڀرسان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ باهه لڳڻ سبب 9 انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي غفلت جي ڏوهه ۾ دادو جي عدلت اڳوڻو ڊي سي دادو سميع الله نثار علي شيخ، ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جو اڳوڻو ايڊمنسٽريٽر ميهڙ فهيم لاکير، ميونسپل ڪاميٽي ڪي اين شاهه جو ايڊمنسٽريٽر سونو خان چانڊيو ۽ ايڊمنسٽريٽر دادو ذوالفقار جتوئي تي ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا:- فريد آباد ويجهو ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ ڪامورن جي نا اهلي ۽ غفلت سبب باهه واقعي ۾ 9 انساني جانيون ضايع ٿيڻ 100 کان وڌيڪ گهر سڙڻ، 150 کان وڌيڪ چوپايو مال سميت الهه تلهه سڙي رک ٿيڻ واري عمل خلاف دادو جي سينئر وڪيل پير غلام محمد عرف پير هني پاران دادو جي عدالت ۾ غفلت ڪندڙ ڪامورن خلاف داخل ڪرايل پٽيشن جي شنوائي دادو جي ايڊيشنل سيشن جج نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ ٿي، عدالت ۾ ڊي سي دادو ۽ ايڊمنسٽريٽر پاڻ پيش نه ٿيا سندس جا تي ٻين عملدارن کي موڪليو ويو جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندڙ وڪيل پير غلام محمد عرف پير هني عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هفتو اڳ رات جو 8 بجي ڳوٺ فيض محمد درياڻي پنهور ۾ هڪ گهر کي باهه لڳي ڳوٺاڻن ۽ مقامي صحافين ڊي سي دادو، ايڊمنسٽريٽر ميهڙ سميت ٻين عملدارن کي اطلاع ڪيو پر ڪنهن به فائربرگيڊ جي گاڏي باهه واقعي واري هنڌ نه موڪلي ۽ سڄي رات باهه ٻرندي رهي ۽ پورو ڳوٺ ساڙي رک ڪري ڇڏيو، 9 معصوم ٻارڙا سڙي مري ويا. اڳوڻو ڊي سي دادو چوي ٿو ته دادو کان فريد آباد تائين 5 کان 6 ڪلاڪ لڳي ويندا آهن جيڪو هن ڪوڙ ڳالهايو آهي، ڪروڙين روپين جي بجيٽ ميونسپل ڪاميٽي ۽ ضلعي انتظاميا وٽ هجڻ باوجود عوام جي جان و مال داءُ تي لڳايو ويو، غفلت ڪندڙ ڪامورن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ دادو جي عدالت ۾ 22 اي ۽ بي لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، هن چيو ته عدالت سندن جا دليل ٻڌڻ بعد اينٽي ڪرپشن دادو کي ميونسپل ڪاميٽين ۽ فائربرگيڊ جي بجيٽ ۾ ڪرپشن جي جاچ سميت اڳوڻي ڊي سي دادو سميع الله نثار علي شيخ، ميونسپل ڪاميٽي دادو جي ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار علي جتوئي، ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جي ايڊمنسٽريٽر فهيم لاکير، ميونسپل ڪاميٽي ڪي اين شاهه جي ايڊمنسٽريٽر سونو خان چانڊيو تي ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، هن چيو ته سڀاڻي اينٽي ڪرپشن دادو جي آفيس پهچي هو فريادي ٿيندو ۽ ڪيس داخل ڪرائيندو، ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي پڻ ڪامورن جي غفلت کي ظاهر ڪيو هو جنهن تي وڏي وزير پاران ڊي سي سميع الله نثار علي شيخ، ايڊمنسٽريٽر فهيم لاکير ۽ ٻين عملدارن کي سسپنڊ ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button