سنڌ

نوشهروفيروز مان کنڀي گم ڪيل بازياب نه ٿيو،شهرين جو مظاهرو

نوشهروفيروز مان کنڀي گم ڪيل عتيق وسطڙو، عزيز ڀنگهوار ۽ شرجيل تڳر جو ڪو به پتو پئجي نه سگهيو، جنهن جي خلاف نوجوانن جي مائٽن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اشرف علي لغاري، سردار علي ڀنگوار، يونس وسطڙو، مختيار بالادي، امام علي ڀنگوار ۽ ٻين چيو ته نوشهروفيروز جي نوجوان عزيز ڀنگهوار، شرجيل تڳر ۽ عتيق وسطڙو کي بلاجواز کنڀي گم ڪيو ويو آھي. هنن چيو ته نوجوان پنهنجي گهرن کان دڪان ۽ ٻئي ڪم ڪار سان وڃي رهيا هئا ته واٽ تي بيٺل سادا ڪپڙا پهريل نامعلوم ماڻھو کين کنڀي ويا، جنهن جو اطلاع پوليس کي ڏنوسين پر پوليس گم ڪيلن جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ھنن چيو ته نوجوان ڪنهن بہ غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث ناھن ۽ نه ئي ڪنهن سياسي تنظيم سان واسطو آھي پر سول سوسائٽي جي پليٽ فارم تان مختلف وقتن تي شھر ۾ ٿيندڙ سماجي براين خلاف آواز بلند ڪندا رهندا آھن. هنن چيو ته جيڪڏهن اسان جا نوجوان ڪنهن ڏوھه ۾ ملوث آھن ته انهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button