سنڌ

ڪراچي يونيورسٽي خودڪش ڌماڪي جو مبينا سهولتڪار گرفتار(دهشتگردن کي انجام تي پهچائينداسين:گهرو وزير)

ڪراچي ۾ چيني شهرين جي گاڏي تي ٿيل خودڪشي ڌماڪي جي جاچ ۾ سي ٽي ڊي شڪي سهولتڪار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيل خودڪش ڌماڪي جي جاچ ۾ سي ٽي ڊي هڪ شڪي شخص بيبگار امداد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڪراچي يونيورسٽي ۾ گذريل ڏينهن ٿيل خودڪش ڌماڪي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. سي ٽي ڊي هڪ شڪي شخص بيبگار امداد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار شخص تي ڌماڪي جي سهولتڪاري جو الزام آهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڪراچي ڌماڪي جي جوابدارن کي تمام جلد انجام تي پهچائينداسين. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله وچ ۾ اربع ڏينهن هتي ملاقات ٿي. گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق ملاقات ۾ سيڪيورٽي سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته چيني اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، چيني اختياريون واقعي کانپوءِ حڪومت جي کنيل قدمن مان مطمئن آهن، چيني شهرين جي حفاظت يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته ڪالهه پاڪ چين دوستي کي هدف بڻايو ويو، چين سدائين ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، حقن جي جدوجهد ڪندڙ شهري اهڙي قسم جي ڪارروائين ۾ ملوث ناهن. سندس چوڻ هو ته بلوچ شاگردن لاهور ۽ اسلام آباد ۾ به احتجاج ڪيو، جيڪو اسان جي علم ۾ آهي، جيڪي پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، اهي ڪنهن به ريت دهشتگردي ۾ ملوث ناهن، اهي پارليامينٽ ۾ اسان سان گڏ ويٺا آهن، ميارون ڏيندا آهن، ڳالهيون ڪندا آهن، اهي سمجهندا آهن ته سندن ڳالهين تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي پر دهشتگردن جو ان معاملي سان ڪو واسطو ناهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان کي دهشتگردن خلاف انتظامي قدم کڻڻا پوندا ۽ سيڪيورٽي فورسز کي ان قابل بڻائڻو پوندو ته اهي اهڙي قسم جي عنصرن کي سختي سان منهن ڏين، انهن پويان ڪجهه ٻاهريون طاقتون به ملوث آهن، جيڪي چاهين ٿيون ته پاڪستان ڏڦيڙ جو شڪار ۽ ڪمزور ٿئي.هن چيو ته وزيراعظم چئني صوبن سان رابطي ۾ آهي، نيڪٽا جي گڏجاڻي ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر موجود هوندا، امن امان جي صورتحال يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان هر قسم جو سهڪار ڪيو ويندو، ڪراچي کي پرامن شهر بڻائينداسين. يونيورسٽي ڌماڪي جي مبينا سهولتڪار جي گرفتاري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته معاملي جي جاچ هلي رهي آهي، هينئر ان بابت ڪجهه ٻڌائڻ مناسب نه هوندو. ان کان اڳ وزيراعليٰ هائوس ۾ سيد مراد علي شاهه ۽ راڻا ثناءُ الله کي سيڪيورٽي اختيارين گذريل ڏينهن جي ڌماڪي بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ اعليٰ اختيارين ٻڌايو ته آپگهاتي بمبار عورت ٻن ٻارن جي ماءُ ۽ تربت جي رهواسڻ هئي، هوءَ 20 مارچ تي ڪراچي آئي ۽ گلستان جوهر ۾ رهي. اختيارين چيو ته ٽيمون جاچ ڪري رهيون آهن، سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي، جاچ ۾ ڪجهه وڌيڪ گاڏيون شڪي نظر اچي رهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button