سنڌ

ڊاڪٽر صفدر عباسي جي ڊي اي جو سيڪريٽري جنرل مقرر

ڊي اي جي سربراهه حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري اتحاد ۾ شامل پيپلز پارٽي ورڪرز جي سربراهه ڊاڪٽر صفدر علي عباسي کي جي ڊي اي جو سنڌ جو سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران مڪاني ادارن بابت جاري ڪيل شيڊول ۾ قانوني ۽ آئيني مونجهارا آهن ان ڪري جي ڊي اي، پي ايس پي ۽ پي ٽي آءِ عدالتن ۾ ٿيندڙ چونڊن خلاف آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏيون آهن. هن چيو ته جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل اياز لطيف پليجو پاران استعيفيٰ ڏيڻ بعد مان ذاتي طور ان سان ملاقات ڪري ان جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته جي ڊي اي واحد الائينس آهي غير مشروط طور تي پي ٽي آءِ جي سپورٽ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button