سنڌ

رستم ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي، احتجاج

خانپور ويجهو رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻورڙي 4 هٿياربندن عالم، منير، انور عرف گلو، خادم سيٺار پاران غلام حيدر سيٺار جي گهر تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾گوليون لڳڻ سبب برڪت علي سيٺار شديد زخمي ٿي پيو، جنهن کي سکر حرا اسپتال نيو ويو. رستم ٿاڻي تي عبدالرشيد جي فرياد تي عالم، منير، انور ۽ خادم سيٺار مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو. هوڏانهن ڳوٺاڻن نويد، احسان، عبدالڪريم، ثمينا، رضيه، مختيار سيٺار سميت ٻين ڪلام پاڪ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته 4 جوابدار اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪري نوجوان برڪت علي سيٺار گوليون هڻي شديد زخمي ڪري ڇڏيو. هنن الزام لڳايو ته ڏيڍ مهينو اڳ 4 جوابدار غلام حسين سيٺار، خادم سيٺار، منير سيٺار، عبيدالله سيٺار اسان جي ونواهه ۾ ويٺل نياڻي سميرا ڌي غلام حيدر سيٺار کي زوري اغوا ڪري جاگيراڻي برادري جي شڪلو جاگيراڻي وٽ کڻي ويا، جتان وري ميرپورخاص ۾ وڃي نڪاح ڪيو ويو. هنن چيو ته اسان چڱن مڙسن ايوب، جاويد، استاد رمضان سيٺار، برڪت الله سيٺار، اصغر سيٺار سميت ٻين کي شڪايتون ڪيون ته اسان جي نياڻي زوري اغوا ڪري ويا آھن. جوابدار ڌر اسان ڏي ميڙ کڻي آيا. اسان ميڙ کي موٽ ڏيندي چيو ته اسان کي پنهنجي نياڻي واپس ڪرائي ڏيو بعد ۾ ڳالهيون ڪنداسين. جوابدارن ڪجهه ڏينهن ۾ نياڻي واپس ڪرائڻ جو واعدو ڪيو پر نياڻي واپس نه ٿي. هنن چيف جسٽس، ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪاپور کان مطالبو ڪيو ته اسان جي اغوا ٿيل نياڻي سميرا سيٺار واپس ڪرائي گهر تي حملو ڪندڙ نياڻي کي اغوا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button