سنڌ

وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله جي چيني قونصل جنرل سان ملاقات

وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله خان وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايت تي ڪراچي پهتو. هن چيني قونصل جنرل لي بيجيان سان بم ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويل چيني شهرين جي تعزيت ڪئي. گهرو وزير رانا ثناءَ الله وزيٽرز بوڪ ۾ ڪراچي واقعي بابت پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا. گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر به گهرو وزير سان گڏ هو. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي خاص هدايت تي چيني شهرين جي تعريت لاءِ قونصليٽ آيون آهيان .چيني شهرين جون جانيون وڃڻ تي گهڻو ڏک ۽ افسوس آهي. دهشت گردي جو واقعو انتهائي مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ آهي. پي آءِ ڊي جي پريس رليز موجب گهرو وزير وڌيڪ چيو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جوبدارن تائين جلد پهچي وينداسين. وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي واقعي جي جاچ کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي. گهرو وزارت، سيڪيورٽي ايجنسيون ۽ سنڌ حڪومت گڏجي واقعي جي جاچ ڪري رهيون آهن. دهشتگردي واقعي ۾ ملوث عنصرن کي بينقاب ڪنداسين ۽ کين ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. چيني شهرين جي مارجڻ تي پاڪستاني قوم ڏکويل آهي. چين پاڪستان جو سڀ کان ڀروسي جوڳو دوست آهي. پاڪ چين لاڳاپا خراب ڪرڻ جي هر ڪوشش ۽ سازش کي ناڪام بڻائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button