سنڌ

”پٽ کي فوتي ڪوٽا تحت نوڪري ڏيو“لاڙڪاڻي ۾ بيواهه جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي نيو مدينه ڪالوني واسڻ بيواهه عورت بيروزگار پٽ سان گڏجي پوليس کاتي ۾ فوتي ڪوٽا تحت نوڪري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. بيواهه عورت شازيه خاتون دانهيو ته مڙس مجاهد سانڊاڻو پوليس ڪانسٽيبل هو جيڪو 12 اپريل 2000ع تي ڊيوٽي دوران فوت ٿيو. مڙس جي فوت ٿيڻ بعد هر مهيني 9 هزار پينشن مان گهر جو خرچ هلائڻ مشڪل آهي. هن چيو ته فوتي ڪوٽا جي نوڪري لاءِ پنهنجي پٽ سعيد احمد سان ايڊيشنل آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي چڪي آهيان پر هن وقت تائين فوتي ڪوٽا جي نوڪري نه ملي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button