سنڌ

پورهيت طبقي جا مطالبا اڄ به حل طلب آهن:پورهيت اڳواڻ

سڄي ملڪ جيان سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ به پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي موقعي تي شڪاگو جي شهيدن کي سلام ۽ خراج عقيد پيش ڪيو ويو، جن جي قربانين سبب پورهيتن کي مڃتا حاصل ٿي ۽ سندن جائز حقن جو تعين ٿيو. ان ڏينهن جي مناسبت سان پورهيتن تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون ويون ۽ جلسا ۽ مذاڪرا منعقد ڪيا ويا. نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ۽ هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن جي انتظام هيٺ ليبر هال، ليبر اسڪوائر، سائيٽ ايريا ۾ “مزدور جلسو” منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ مزدور مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. ميڙاڪن جي صدارت نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي صدر رفيق بلوچ ۽ هوم بيسڊ وومن ورڪرز فيڊرينشن جي جنرل سيڪريٽري زهرا خان ڪئي. پورهيت ميڙاڪن کي خطاب ڪندي مزدور اڳواڻن چيو ته شڪاگو ۾ شروع ٿيل پورهيت جدوجهد ۾ اٿاريل بنيادي سوال ۽ مطالبا اڄ به حل طلب آهن. دنيا ۾ سماجي انصاف ۽ حقيقي جمهوريت جي بقا ان ڳالهه ۾ آهي ته پيداوار جا وسيلا سماج جي اجتماعي ملڪيت قرار ڏنا وڃن. هنن چيو ته انساني تاريخ ثابت ڪيو آهي ته سرمائي جي بالادستي جتي جنگين، بک، قتل ۽ غارت ،بيماري ۽ بيروزگاري کي پروان چاڙهيو آهي، اتي انسان دشمن ۽ ماحول دشمن نظام کي به هٿي ڏني آهي. پورهيت ميڙاڪن ۾ ناصر منصور، رياض عباسي، گل رحمان (نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ،عيني يعقوب ،پروين بانو (هوم بيسڊ وومن ورڪرز فيڊريشن)، سائره فيروز، زاهده پروين (يونائيٽڊ ايڇ بي گارمينٽس ورڪرز يونين)، عاقب حسين ،بلاول ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن سنڌ تحت سڄي صوبي جي بلدياتي ملازمن پورهيتن جي عالمي ڏينهن “يوم مئي” جي موقعي تي پنهنجي مطالبن جي حق ۾ ۽ شڪاگو جي شهيدن جي ياد ۾ سڄي صوبي جي پريس ڪلبن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا. ڪراچي ۾ فيڊريشن جي مرڪزي چيئرمين ۽ سنڌ جي صدر پورهيتن جي ريلي جي قيادت ڪئي. ڪي ايم سي ورڪشاپ کان ريلي ڪي ايم سي جي هيڊ آفيس ،سنڌ سيڪريٽريٽ کان ٿيندي ڪراچي پريس ڪلب تي پڄاڻي تي پهتي، جتي مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي ۽ ڪي ايم سي هيڊ آفيس ۾ ڪراچي جي بلدياتي پورهيتن کي بقايائن جي عدم ادائيگي خلاف احتجاج ڪيو ويو. ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ جوائنٽ مئي ڊي ڪاميٽي ٽريڊ يونينز جي عام جلسي کي فيڊريشن جي مرڪزي چيئرمين سيد ذوالفقار شاهه خطاب ڪيو. پورهيت اڳواڻن پنهنجي تقريرن ۾ شڪاگو جي شهيدن کي پڻ سلام پيش ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button