سنڌ

وارھه بئراج جي پيچ کي غلطي سان موڙي رائيس ڪئنال ۾ لڳايو ويو:نثار کهڙو

پ پ سنڌ جو صوبائي صدر نثار احمد کهڙو وارهھ پهچي اڳوڻي ايم پي اي نجم الدين ابڙو سان سندس گهر واري جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، ان بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چيو ته پيپلزپارٽي 2018ع جي چونڊ جي ڀيٽ ۾ 2023ع جي چونڊن ۾ سيٽن جي حوالي سان وڌيڪ سرسي حاصل ڪري نمايان پوزيشن ماڻيندي. هن چيو ته عدم اعتماد جي رٿ ڪاميابي بعد عمران خان ۽ سندس حمايتي وائڙپ جو شڪار ٿي چڪا آهن، عمران جيڪي به غيرآئيني قدم کنيا يا هو جيڪو سياست ۾ ٽرينڊ متعارف ڪرائي رهيو آهي اهو ملڪي سياست لاءِ تمام هاڃيڪار ثابت ٿيندو. هن چيو ته عمران پاڻ کي صاف شفاف سياستدان ڪوٺرائڻ تي فخر محسوس ڪندو هو پر هاڻ ڪو هن کان پڇي ته هي توشه خانھ جي ڪرپشن ۽ مائي گوگي وارو ڪيس ڪنهن تي داخل ڪرائجي؟ پاڻي معاملي جي پڇيل سوال تي نثار کهڙو چيو ته وارھه بئراج ماضي ۾ کيرٿر ڪئنال منجهان وهندو هو، جنهن جي پيچ کي غلطي سان موڙي رائيس ڪئنال ۾ لڳايو ويو، بدقسمتي سان مٽي جي سلٽ پوڻ سبب وارهه بئراج ۾ زياده لٽ پئجي ويو، جنهن جي کاٽي ڪرائي پئي وڃي، ايندڙ ساريال فصل جي مندائتي پوکائي لا وارهه بئراج جو پاڻي وارو مسئلو حل ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button