سنڌ

ڪنڊيارو ۾ رڪشا ڪلٽي،ڪار جي ٽڪر ۾ 3 ڄڻا فوت،15 ڄڻا زخمي

سيٺارجا ڀرسان مخلتف ڳوٺن جا 17 نوجوان عيد جي ٻئي ڏينهن تي ڦٽو لڳل چنگچي رڪشا تي سيوهڻ شريف زيارت لاءِ وڃي رهيا هئا ته ڪنڊيارو ۾ قومي شاهراهه تي رڪشا ٽائر نڪرڻ سبب ڪلٽي ٿي پيو ۽ پويان ايندڙ تيز رفتار ڪار روڊ تي ڪريل ماڻهن مٿان چڙهي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ فنڪشنل ليگ سيٺارجا جي اڳواڻ لعل ڏنو لنڊ جو ڀائٽيو عادل حسين پٽ علي شير لنڊ ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 16 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا، جن کي گمس اسپتال پهچايو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي وڌيڪ 2 نوجوان انصار احمد پٽ ممتاز علي لنڊ ۽ محمد اسامه پٽ ڪرم الدين لنڊ فوت ٿي ويا. جڏهن ته گمس اسپتال ۾ داخل زخمي امتياز علي پٽ ممتاز علي لنڊ، محمد علي پٽ محمد عثمان لنڊ، ڪالو پٽ محمد صادق لنڊ، رمضان پٽ گلشن لنڊ ۽ محمد عظيم لنڊ جي حالت خراب هجڻ ڪري کين ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته نوجوانن سان پيش آيل خوفناڪ حادثي سبب علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو. فوتي نوجوانن جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button