
رتوديرو شهر جي نادر شاهه محلي جي رهواسي بابل جلباڻي جي زال 25 ورهين جي صابرا کي وارثن ويم لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو ۾ داخل ڪرايو پر اسپتال ۾ عملي جي مبينا غفلت سبب عورت ٻار کي جنم ڏيڻ بعد فوت ٿي وئي. جڏهن ته فوت ٿي ويل عورت جي وارثن سرڪاري اسپتال ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ ليڊي ڊاڪٽر ۽ ٻئي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت جي مڙس بابل ۽ وارثن عالم، سهيل، موٽو، رياض جلباڻي ۽ ٻين چيو ته اسان عورت کي ويم لاءِ اسپتال کڻي آيا هئاسين، اسان کي سڄي رات ترسايو ويو ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي پڪ ڏني ته ڪو به مسئلو ناهي توهان جي عورت صحيح آهي. هنن چيو ته سڄي رات اسپتال ۾ هجڻ باوجود اسان کي رت جو بندوبست ڪرڻ لاءِ نه چيو ويو، جڏهن ڪيس هنن کان خراب ٿي ويو ته پوءِ اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي عورت کي لاڙڪاڻي کڻي وڃڻ لاءِ چيو، اسان کيس علاج لاءِ لاڙڪاڻي کڻي وڃي رهيا هئاسون ته هوءَ حالت خراب هجڻ سبب رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي هنن تعلقه اسپتال رتوديرو جي ڊاڪٽرياڻي ۽ عملي مٿان غفلت ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته انهن جي لاپرواهي ڪرڻ سبب عورت فوت ٿي آهي. معاملي جي انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.