سنڌ

وڊيوز اچڻ کان اڳ دفاع شروع ڪيو ويو آهي:قادر پٽيل

صحت واري وفاقي وزير قادر پٽيل چيو آهي ته وڊيوز کان پهريان ئي ان جو دفاع شروع ڪيو ويو آهي، کيس خبر آهي ته جيڪي وڊيوز اچڻيون آهن اهي غير اخلاقي آهن، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ هن حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ان کي منهن ڏيڻ لاءِ جلد حڪمت عملي جوڙينداسين. دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري مون وٽ آئي هئي، مان ان جي مخالفت ڪئي هئي، صحت جي سهولتن جي حوالي سان سنڌ صوبو ٻين صوبن کان گهڻو بهتر آهي، صحت ڪارڊ کي بند نه پيو ڪيو وڃي، ان ۾ موجود نقص ختم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جواظهار هن جمعي تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. عبدالقادر پٽيل چيو ته ته اڳوڻين حڪومتن جي ڪمزور پاليسين جي ڪري مهانگائي وڌي وئي آهي. اسان لاءِ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، اسان وٽ هتي جڏهن هڪ شئي جي قيمت وڌي وڃي ٿي ته اها گهٽ نٿي ٿئي، ان چئليج کي منهن ڏيڻ لاءِ جلد حڪمت عملي جوڙي ويندي. هن چيو ته دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري مون وٽ آئي هئي مان ان جي مخالفت ڪئي آهي هي سمري ڪابينه منظور ڪري ٿي، پنهنجي قلمدان تي اعتراض جي حوالي سان قادر پٽيل چيو ته جڏهن پرويز خٽڪ کي بچاءُ وارو وزير بڻايو ويو هو ته اسان اعتراض نه ڪيو هو، منهنجو ڪم انتظامي معاملا ڏسڻ آهي، مان اهو ڪڏهن چيو آهي ته مان سرجري ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button