سنڌ

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 53 سيڪڙو،وزيراعظم نوٽيس وٺي:سنڌ حڪومت

سنڌ سرڪار حصي زرعي پاڻي گھٽ ملڻ کي زرعي معيشت لاى خطرو قرارڏئي ڏيندي چيو آھي ته سنڌ کي حصي جو زرعي پاڻي نه ملڻ سبب زرعي معيشت خطري ۾ آھي، وزيراعظم نوٽس وٺي. زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ وڌيڪ پنھنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 53 سيڪڙو تائين پھتي آھي، پاڻي جي کوٽ ڏينھون ڏينھن وڌندي پئي وڃي، سنڌ ۾ پاڻي بحران واري صور تحال برقرار رھي ته فصلن کي وڏو نقصان پھچي سگھي ٿو. زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته پاڻي کوٽ سبب سنڌ ۾ ڪمند، انب، چاور، مرچ، زيتون ۽ کجين جي باغن کي نقصان پھچڻ جو خدشو آھي، گذريل پي ٽي آئي حڪومت ۾ آڪٽوبر 2018 کان مارچ 2022 تائين سنڌ کي 189 ڏهائي 29 ملين ايڪڙ فوٽ زرعي پاڻي حصي کان گھٽ مليو، پي ٽي آئي حڪومت جي گذريل 3 سالن ۾ سنڌ کي خريف ۾ 16 سيڪڙو ۽ ربيع ۾ 22 سيڪڙو پاڻي گھٽ مليو. منظور وساڻ چيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب اھم فصلن سبزي ۽ ميون جي باغن جي پيداوار کي ڪافي نقصان پھتو، عمران خان جي حڪومت ۾ سنڌ کي حصي جو پاڻي گھٽ ملڻ ڪري گذريل سال ڪڻڪ، چانورن ۽ ڪپهھ جو فصل گھٽ ٿيو، جنھن سبب سنڌ جي آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان ٿيو آھي، عمران حڪومت ۾ سنڌ کي حصي جو پاڻي پورو ملي ھا ته سنڌ جون زرخيز زمينون متاثر ۽ فصلن جي پيداوار نه گھٽجي ھا، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي پورو ڏنو وڃي، ڪٽوتي ڪنھن صورت ۾ قبول ناھي، پاڻي ختم ٿي رھيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button