سنڌ

قمبر ويجهو باهه، پورهيتن جا 6 گهر، 2 مينهون ۽ 9 ٻِڪريون سڙي ويون

قمبر جي ميان شاھل محمد ويجهو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 6 پورهيتن جا گهر سڙي ويا. ڳوٺ ڪليري مغيري ۾ باهه لڳڻ سبب امير بخش مغيري، عاشق مغيري، اربيلو، شاھنواز، يار محمد مغيري سميت 6 پورھيتن جا گهر ۽ انھن ۾ رکيل سامان 2 موٽر سائيڪلون، سولر پليٽون، بيٽريون، پکا، سوين مڻ اناج، 9 ٻڪريون، 2 مينھون سڙي ويون. اھڙي اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر قمبر جاويد نبي کوسو واقعي واري هنڌ پهچي ايمرجنسي لاڳو ڪري باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ مختلف تعلقن ۾ فائر برگيڊ گاڏيون گهرايون، جن باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. جڏهن ته ڊي سي طرفان باهه جي نقصان جا تفصيل ورتا، جڏهن ته متاثر گهر ڌڻي مرد توڙي عورتون اله تلهه ۽ چوپايو مال سڙي وڃڻ ڪري روئيندا رڙندا رھيا. ڳوٺاڻن جو باهه لڳڻ سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺان بي يارو مددگار ويٺل آهن. متاثرن ضلعي انتظاميا سميت سرندي وارن کي واهر جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button