سنڌ

سنڌو درياهه جي ساڄي پاسي پاڻي پهچائڻ لا ايمرجنسي لاڳو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي پڇڙيءَ وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي سنڌو درياءَ جي رائيٽ بينڪ علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو رائٽ بئنڪ جي پڇڙيءَ وارن علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ ضروري قدم کڻي. پاڻي جي شديد کوٽ وارن علائقن ۾ ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٻيا ضلعا شامل آهن.سنڌ جي وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته رائيٽ بينڪ وارن علائقن مان ڪئنال سسٽم ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ تُرت اُپاءُ ورتا وڃن.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته عوام کي هر صورت ۾ پيئڻ جو پاڻي ملڻ گهرجي ۽ سڀاڻي شام تائين پاڻي پهچائي سندس رپورٽ ڏني وڃي..سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب سندن مکيه واهه ۽ ڊسٽريبيوٽرز سڪي ويا آهن، جنهن ڪري درياهه جي رائيٽ بينڪ جي پڇڙيءَ وارن علائقن جا رهواسي پاڻي لاءِ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃي رهيا آهن. وڏي وزير، آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو کي هدايت ڪئي ته هو ٺٽي، سجاول، بدين ۽ ٻين ضلعن ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ ضروري بندوبست ڪري ته جيئن علائقي واسي پاڻ ۽ سندن چوپايو مال پاڻي مان فائدو حاصل ڪري سگهي. آبپاشي واري وزير تصديق ڪندي چيو ته هن ٺٽي ۽ سجاول جي علائقن ۾ پاڻي ريليز ڪري ڇڏيو آهي ۽ سومر جي شام تائين وڌيڪ بهتري اچي ويندي. آبپاشي واري وزير تصديق ڪئي ته 25 اپريل کان 7 مئي 2022 تائين روٽيشن پروگرام دوران مٿي ذڪر ڪيل وڏن شهرن کانسواءِ ساڪرو ڊويزن جي سمورن چئنلن ۾ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button