سنڌ

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف لاڙڪاڻي ۽ رتوديرو ۾ مظاهرا

لاڙڪاڻي ۾ سنڌي پورهيت سنگت ضلعي طرفان سنڌ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ، ڌارين جي آبادڪاري، افغانين ۽ ٻين ڌارين کي ووٽ ۽ ملڪيتون خريدڻ جي اجازت ڏيڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي اڳواڻن سراج ڪلهوڙو، جيئي سنڌ محاذ جي ڊاڪٽر آزاد قاضي، محمد علي ابڙو، ڊاڪٽر خالق ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته پنجاب گذريل هڪ صديءَ کان سنڌ جو پاڻي چوري ۽ زوري کڻندو رهيو آهي، انگريزن 1945 تي معاهدو ڪرائي پاڻيءَ جو ڦڏو حل ڪرايو. هنن چيو ته حڪمران سوين ناجائز ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌ کي سڪائڻ چاهين ٿا ۽ پي پي پي اقتدار لاءِ سنڌ جو پاڻي پنجاب حوالي ڪندي رهي آهي جنهن ڪري چشما جهلم لنڪ ڪئنال کان پوءِ ڪيترائي ناجائز ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهيا ويا جنهن سبب سنڌ اڄ پاڻيءَ لاءِ ٻاڪاري رهي آهي. ٻئي طرف رتوديرو ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن علي رضا عارباڻي، انصار علي چنو، زبير علي، امجد علي، يونس ڀٽو، رحمان علي، عمران علي، مبشر علي، جبل ويسر ۽ ٻين چيو ته هٿ وٺي سنڌ جو پاڻي روڪي سنڌ کي گھرو ويڙهه طرف ڌڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ اڳ ۾ ئي قبائلي جھيڙن جي ور چڙهيل آهي ويتر ان جو پاڻي روڪي پاڻيءَ جي وارن تان وڏو قتل عام ڪرائڻ جون سازشون ڪيو پيون وڃن، پاڻي نه هجڻ سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي وئي آهي پر ان هوندي به سنڌ کي پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پنهنجو پاڻي ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ اڃا وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button