سنڌ

بخشاپور ويجهو باهه لڳڻ سبب ٻن پورهيتن جا گهر سڙي ويا

بخشاپور ويجھو شاهي پل ويجهو اوڏ برادري جي ٽن پورهيتن ديدار راجا ۽ تخت اوڏ جي گهرن کي چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب باهه وڪوڙي وئي. باهه سبب گهرن اندر پيل هنڌ، کٽون، پيتيون، 50 مڻ اناج، کاڌي پيتي جو سامان، نياڻي جو ڏاج، 60 ھزار روپيا روڪ رقم، 2 ٻڪريون سڙي مري ويون. جڏهن ته باهه متاثر ڳوٺاڻا بي يارو مددگار کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن. باهه متاثر ڳوٺاڻن صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته باهه جو اطلاع بروقت فائربرگيڊ عملي کي ڏنو پر عملو واقعي واري ھنڌ نه پھتو، جنهن ڪري اسان مسڪينن جا گھر مڪمل طور سڙي ويا. جڏهن ته علائقي جو ڪو چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي عملدار لڙي نه آيا. متاثر ڳوٺاڻن وڏي وزير ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته اسان غريب ماڻھو آھيون اسان جا معصوم ٻارڙا ۽ عورتون بک تي کليل آسمان ھيٺان ويٺل آھن اسان جي مالي مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button