سنڌ

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري نئون ديرو هائوس پهچي ويو

بلدياتي اليڪشن ويجهو ايندي ئي لاڙڪاڻي ۾ سياسي گهما گهمي شروع ٿي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به نئون ديرو هائوس پهچي ويو. آصف علي زرداري جي نئون ديرو هائوس پهچڻ کان اڳ هائوس ڏانهن ويندڙ روڊن جا سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. پارٽي ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جون نئون ديرو هائوس ۾ بلدياتي چونڊن توڙي ملڪي معاملن تي پارٽي جي چونڊيل نمائندن توڙي پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون متوقع آهن. هوڏانهن بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لا سياسي توڙي غير سياسي اميدوارن سميت عام شهري پڻ خواهش جو اظهار ڪندي پنهنجا فارم ڀرائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. جڏهن ته هن ڀيري ووٽر پڻ پارٽي اميدوارن کان بيزاري ڏيکاري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button