سنڌ

ملير جي ٻن ڳوٺن ۾ چمڙي ۽ هڏن جي بيماري،ڪيترائي ٻار معذور

ملير جي ٻن ڳوٺن آچار ۽ مامو سالار جوکيو ۾ 60 کان وڌيڪ ماڻهو چمڙي ھڏن جي بيماري ۾ مبتلا ٿيڻ بعد هلڻ ڦرڻ جي سگھه وڃائي ويٺا، صحت کاتو ۽ ملير جا چونڊيل نمائندا خاموش بڻيل آهن. ان ڏس ۾ گڏ ڪيل انگ اکرن موجب ٻنهي ڳوٺن ۾ ٽن ڀائرن علي شير جوکيو، عطا جوکيو، ثنا جوکيو، عاصما جوکيو، عباس شاهه، شيزان جوکيو، مديا جوکيو، اريبا جوکيو، شازيا جوکيو، شير زمان جوکيو، بابر جوکيو، تنوير جوکيو، عائشه جوکيو سميت سٺ کان وڌيڪ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ننڍا توڙي وڏا مرد مختلف پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿئي ويا آهن، ڪيتري ئي عرصي کان وٺي مختلف بيمارين ۾ ورتل صحت کاتي ۽ ملير جي چونڊيل نمائندن ڪا به سار ناهي لڌي، جنھن سبب والدين اذيت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، خطرناڪ بيماري ۾ ورتل مثاثرن جي وارثن ٻڌايو ته ڪيترن ئي سالن کان اسان جي ڳوٺن ۾ پراسرار بيماريون ڦهليل آهن، ڪيترائي ڀيرا صحت کاتي ۽ ملير جي چونڊيل نمائندن کي لکت ۾ پڻ درخواستون ڏنيون آهن پر هن وقت تائين ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بيماري خطرناڪ حد تائين پهچي چڪي آهي پر ڪنهن ڌيان نه ڏنو آهي، ڪيترائي ئي معصوم ٻار ۽ وڏا ماڻهو کائڻ پيئڻ ڳالهائڻ هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهن پر ڪنهن کي به ڪا پرواهه ناهي، اسان ملير جي چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪريون ٿا ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ميڊيڪل جون ٽيمون موڪلي اسان جي سارسنڀال لڌي وڃي، اسان انتهائي غريب ۽ مسڪين ماڻهو آهيون، ان ڪري اسان جي پيارن جي مالڪي ڪري انهن جون زندگيون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button