سنڌ

ميرپورماٿيلو ۾ رهواسين جو پوليس ۽ بااثر ماڻهن خلاف مظاهرو

ميرپورماٿيلو جي ڳوٺ ٻيلو نائچ جي رھواسين ميرپورماٿيلو پوليس ۽ بااثر ماڻهن خلاف مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي محمد عارف نائچ، راشد علي، الھڏتو نائچ، عابدہ، صائمه نائچ ۽ ٻين چيو ته بااثر ماڻهن ميرپورماٿيلو پوليس سان گڏجي اسان جي گھرن ۾ گھڙي عورتن مٿان تشدد ڪيو. ميرپورماٿيلو پوليس بااثر جوابدارن جي چوڻ تي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي. هنن چيو ته اسان مسڪين آهيون، اسان جو ڪنهن سان به واسطو ناهي پر خبر ناهي پوليس ڇو اسان جي خلاف ڪارروايون ڪري رهي آهي. ھنن وس وارن کان انصاف جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button