سنڌ

نئون ديرو ويجهو ٻن ڌرين پراڻي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ ۾ نوجوان قتل

نئون ديرو ويجهو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد وسايو جيهو ۾ ڏاهاڻي ۽ جيها برادري ۾ هلندڙ تڪرار تان ٻنهي ڌرين فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ ۾ 30 ورهين جو نوجوان رابيل پٽ ديدار جيهو ٿڏي تي قتل ٿي ويو. مقتول جو سئوٽ سعيد پٽ حاڪم جيهو زخمي ٿي پيو. ڳڙھي خدا بخش پوليس واقعي جو اطلاع باوجود دير سان پھتي، جنھن بعد مقتول جو لاش کڻائي نئون ديرو اسپتال آندو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل آھي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڏاھاڻي ۽ جيھا برادري وچ ۾ ڪارنھن معاملي تان ڪجهه مھينن کان تڪرار ھلندڙ آھي. ڪجهه ڏينهن اڳ به ڏاھاڻي ڌر جو نوجوان قتل ٿي ويو هو. ڪجهه ڏينھن کان ھلندڙ جهيڙي ۾ ٻنھي ڌرين جو ھڪ ھڪ ماڻھو قتل ٿي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button