سنڌ

ڏيپلو ۽ سڪرنڊ ۾ يونيورسٽي ٺاهينداسين:آصف علي زرداري

پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري نئون ديرو هائوس ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ٿرپارڪر جي نوجوانن لا سدائين فڪرمند رهندو آهيان، ٿرپارڪر جي شهر ڏيپلو ۽ سڪرنڊ ۾ يونيورسٽي ٺاهينداسين. ان موقعي تي آصف علي زرداري مير نادر خان مگسي ۽ سردار خان چانڊيو وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو نوٽيس وٺندي ٻنهي کي گهرائي گڏجاڻي ۾ گڏ ڪرسين ويهاريو. ان موقعي تي آصف زرداري چيو مگسي ۽ چانڊيا پاڻ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪريو، ان سان پارٽي ڪمزور ٿي رهي آهي، ان ڪري هڪٻئي سان ويچاري ختم ڪريو، پاڻ سڀ سنڌي آهيون، جيڪو سنڌ ۾ رهي ٿو اهو سنڌي آهي، آئون واعدو ٿو ڪريان ته مونکي سنڌ عزت ڏني اهي، ان لا سنڌ کي ڪڏهن به نقصان نه ڏيندس. هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن پنهنجي محنت ۽ تعليم سميت هر شعبي ۾ پاڻ مڃرايو آهي، ٿرپارڪر جي شهر ڏيپلو ۽ سڪرنڊ ۾ يونيورسٽي ٺاهينداسين، جيڪي نوجوانن کي جديد تعليم ۽ تربيت فراهم ڪن. هن چيو ته بلوچستان جي دوستن جو شڪر گذار آهيان جن پي ٽي آءِ سرڪار کي جمهوري طريقي سان شڪست ڏيڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته نيازي حڪومت ملڪ جي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، غريب ماڻهو هڪ ويلو ماني به نٿو کائي سگهي. هن چيو ته وزير اعظم کي صلاح ڏيندس ته ھو ھارين کي رليف ڏئي ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جا اگهه گهٽائي ڇڏي. ان موقعي تي خورشيد جوڻيجو، سهيل انور سيال، عامر خان مگسي، سردار چانڊيو، حزب الله ٻگهيو، نذير ٻگهيو، پير صادق، گهنور خان اسراڻ، رميش لال، اعجاز لغاري، منصور سومرو، سيد ارشد راشدي، محمد انور ٻرڙو، محمد علي ٻگهيو، عمران جتوئي ۽ ٻيا موجود هئا. ان کان اڳ آصف زرداري ڳڙھي خدا بخش ڀٽو ۾ شھيد بينظير ۽ ٻين شھيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button