سنڌ

ڊکڻ ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ بااثرن جي ڏاڍ خلاف احتجاج

ڊکڻ ۾ ايس ايڇ او ڊکڻ وڪيل احمد جعفري جي ناجائزين خلاف ڳوٺ لالڻ جي وانڍ جي رهواسين غلام شبير، علي ڏنو ٿهيم، عيوض ٿهيم ۽ ٻين ڊکڻ ٿاڻي جي گيٽ آڏو شڪارپور رتوديرو انڊس ها وي تي رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته بااثر واجد جتوئي اسان جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، اسان پلاٽ تي ڪم شروع ڪرايو ته ڊکڻ ٿاڻي جو ايس ايڇ او وڪيل جعفري بااثرن جي ونگار وهندي ڪم بند ڪرائڻ لاءِ آيو ۽ اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. هنن چيو ته صوبيدار اسانجي پلاٽ جا ڪاغذ به نٿو ڏسي. هنن الزام هڻندي چيو ته ايس ايڇ او مخالف ڌر کان ڳري رشوت وٺي اسان جو اڏاوتي ڪم بند ڪرايو آهي. هنن ايس ايس پي تنوير حسين تنيو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي راشي صوبيدار کي هٽائي انصاف ڏياريو وڃي. ٻئي طرف ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين رياض ملڪ ڌرڻي هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائيندي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button