سنڌ

ارسا غيرمنصفاڻي پاڻي ورڇ ڪري رهيو آهي:سنڌ ڪابينا

سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا صوبي ۾ پاڻي جي اڻاٺ ۽ سي جي ڪينال کولڻ تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي، وفاقي حڪومت کي سنڌ ڪابينا جي تحفظات بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ارسا صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ غير منصفاڻي طريقي ڪري رهيو آهي، 1991 واري ٺاهه تي عمل ناهي ٿي رهيو، جيڪڏهن ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ته 1991 واري واري ٺاهه تحت منصفاڻي طريقي سان پاڻي جي ورهاست ڪئي وڃي پر بدقسمتي سان پاڻي ٺاهه تي عمل نٿو ڪيو وڃي، ارسا ۾ ان معاملي تي هميشه مسئلا رهيا آهن، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. فصل سڪي رهيا آهن، صوبي جي ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي، جنهن جو اثر ڪراچي سميت صوبي جي ٻين وڏن شهرن تي ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن بابت پريس بريفنگ ڪندي ڪيو. معدنيات ۽ معدني ترقي وارو صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي ۽ ٻيا سنڌ ڪابينا جا ميمبر به ساڻس گڏ موجود هئا. صوبائي وزير چيو ته اسان ڪنهن جي به حصي جو پاڻي نٿا گھرون، جنهن صوبي جو جيترو حق آهي، ان کي اهو ملڻ گھرجي ته جيئن ڪا به احساس محرومي پيدا نه ٿئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هاري فصلن تي سخت محنت ڪن ٿا، انهن جا خرچ وڌي ويا آهن. هن چيو ته سي جي ڪينال غير قانوني طور تي کوليو ويو آهي، پاڻي جي کوٽ واري صورتحال ۾ ڪنهن به صورت نٿو کولي سگھجي. ڪينال کولڻ سنڌ سان ناانصافي آهي. سنڌ پاڻي جو معاملو هر فورم تي اٿاريندي ۽ وفاق کان 1991 واري معاهدي تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪنداسين. هن چيو ته آبپاشي جي زمينن ۽ ڪينالن تان حددخلين خلاف آپريشن ۾ متاثرن کي 80 گز جا پلاٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهي ماڻهو غير قانوني طور تي آبپاشي کاتي جي زمينن تي آباد هئا پر پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته ڪنهن کي به بي گھر نٿو ڪري سگھجي. ان ڪري صوبائي ڪابينا متاثرن جي ٻيهر آبادڪاري جي لاءِ پلاٽس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ ڪابينا سامونڊي علائقن ۾ 64 فشنگ جيٽيز کي به رجسٽرڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، انهن غير قانوني جيٽيز مان ناڻي کي نقصان رسي رهيو هو ۽ انهن جيٽيز سان غير قانوني فشنگ ٿي رهي هئي. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي فش هاربر جي بورڊز آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙ جڪ جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن ۾ مهاڻن جي نمائندگي کي ترجيح ڏني وئي آهي. جڏهن مقامي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي به شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪابينا هيبيچوئل افينڊر مانيٽرنگ بل 2022 سنڌ اسيمبلي کي اُماڻي ڇڏيو آهي. اسيمبلي ۾ سمورين جماعتن جي نمائندگي آهي، انهن جون سفارشون به شامل ڪيون وينديون. هي اهم بل آهي. شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم وڌي رهيا آهن، ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن بل ۾ انهن ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو، جن جي ڏوهن جي هسٽري آهي ۽ ان ڳالھه جو فيصلو عدالتون ڪنديون. صوبائي وزير چيو ته 60 سالن کان وڏي ڄمار جي شهرين کي سينيئر سٽيزن ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ ڪابينا ان معاملي تي ٽن ميمبرن تي ذيلي ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا ان سلسلي ۾ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا سماجي تنظيمن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. سماجي تنظيمون فلاحي ڪم ڪنديون آهن. ضروري آهي ته انهن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏني وڃي پر ٽيڪس ۾ ڇوٽ اسڪروٽني کان پوءِ ڏني ويندي. شرجيل انعام ميمڻ سيف سٽي ڪيمرائون لڳائڻ جي سوال جي جواب ۾ چيو ته اڄ جي ڪابينا جي اجلاس جي اھا ايجنڊا شامل نه ھئي پر منهنجي علم ۾ آهي ته نيشنل ريڊيو ٽرانسميشن ڪمپني ان تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي. جلد ڪيمرائن لڳائڻ جو ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ ڪابينا ۾ ايندڙ بجيٽ بابت سفارشون پيش ڪيون ويون ته ڪهڙي ريت بجيٽ کي فوڪس ڪرڻو آهي ان تي غور ڪيو ويو، اهڙا خرچ جن کي گھٽ ڪري سگھجي ٿو، انهن کي گھٽ ڪيو ويندو، ٽيڪسز جو بار عوام تي نه پوي ۽ ريونيو کي ڪهڙي ريت وڌايو وڃي، جنهن سان عام ماڻهو کي فرق نه پوي. اڄ جهڙي قسم جون ملڪي معاشي حالتون آهن، گذريل حڪومت جهڙي ريت ملڪ جي معاشي حالت ڪري وئي آهي ۽ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي بجيٽ کي فوڪس ڪيو ويندو. بجيٽ ۾ خرچن کي گھٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ آمدني جا ذريعا وڌائڻ تي به غور ڪيو ويو. ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 11 مئي تائين اورينج لائن جون بسون پورٽ تي اچي وينديون، 4 ڏينهن ۾ ڪليئر ٿي وينديون. ان کان پوءِ ڊرائيورز جي تربيت ٿيندي. هن چيو ته 240 بسون سنڌ پيپلز انٽرا ڊسٽرڪٽ بس پروجيڪٽ تحت به پهچي رهيون آهن. ڪراچي جي 7 روٽس تي هلايون وينديون ۽ ان ۾ لاڙڪاڻي شهر جون 10 بسون به شامل آهن، جيڪي لاڙڪاڻي شهر ۾ هلايون وينديون. هن چيو ته اورينج لائن جو سول ورڪس 30 مئي تائين مڪمل ڪيو ويندو. مان وڏي ڳالهھ نٿو ڪريان ايندڙ 60 ڏينهن ۾ بسون هلي وينديون. هن چيو ته هي بسون ڪراچي جي لاءِ آهن، انهن جي انگ کي هزارن تائين وڌايو ويندو. اهڙي ريت سنڌ جي ٻين وڏن شهرن کي به پبلڪ ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button