سنڌ

اورينج لائن روٽ تي بسون جلد هلڻ گهرجن: شرجيل انعام ميمڻ

ااطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتن جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آئون عبدالستار ايدهي (بي آر ٽي اورينج لائن) تي جلد کان جلد بسون هلندڙ ڏسڻ چاهيان ٿو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه منصوبي جو افتتاح ڪندا. ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جا آفيسر ڪيمپ آفيس کي پنهنجو ٺڪاڻو بڻائين، جيڪڏهن ڪنهن کان اهو نٿو ٿئي ته هو استعفيٰ ڏئي گهر وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عبدالستار ايدهي (بي آر ٽي اورينج لائن) بابت سنڌ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ ڪمپني سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سي آئي ڊي سي ايل جي سي ايف او خادم حسين، جنرل مينيجر انجنيئرنگ شفيع محمد، ڪنسلٽنٽ پروجيڪٽ مينيجر نيسپاڪ ريحان ضامن شريڪ هئا. سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو، ڊائريڪٽر انفراسٽرڪچر اينڊ پلاننگ يوسف منير، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن سيد يازم علي شاهه ۽ ٻِيا آفيسر پڻ موجود هئا. صوبائي وزير چيو ته مونکي جلد کان جلد اورينج لائن جون بسون روٽ تي هلندڙ کپن ٿيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏي وزير منصوبي جو افتتاح ڪندا. ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جا آفيسر ڪيمپ آفيس کي پنهنجو ٺڪاڻو بڻائين، مان رات جو ڪنهن به وقت چيڪ ڪري سگهان ٿو. جيڪڏهن ڪنهن کان اهو نٿو ٿئي ته هو استعفيٰ ڏئي گهر وڃي. صوبائي وزير نيسپاڪ ڪنسٽلنٽ کي سائين بورڊ، ڊاڪنگ رببز، آئي ٽي سسٽم جي انسٽاليشن ۽ مانيٽرنگ سسٽم جو ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته 11 مئي تي اورينج لائن جون بسون پورٽ ۽ وڌيڪ هڪ هفتي ۾ بس ڊيپو پهچي ويندي. اورينج لائن جي بس ڊائيورن جي تربيت جي شيڊيول کي حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن بسون پهچندي ئي انهن جي تربيت جي شروعات ٿي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خاص ثاسڪ ڏنو آهي، جيڪو هر حالت ۾ پورو ڪرڻو آهي. اجلاس ۾ سنڌ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني بسن جي ڊيپو آمد جي بعد پروجيڪٽ جي مختلف مرحلن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ اورينج لائن جي گرين لائن ۾ انٽيگريشن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گرين لائن کان انٽيگريشن تي 45 ڪروڙ روپين جي لاڳت جو تخمينو لڳايو ويو آهي. انٽيگريشن جي اورينج لائن جون بسون ناگن چورنگي تائين جو فاصلو طئي ڪنديون. جنهن سان پروجيڪٽ تي سبسڊي ۾ حڪومت کي بچت ٿيندي. صوبائي وزير چيو ته اورينج لائن جي انٽيگريشن ۽ ڊيزائن جي تياري تي پڻ ڪم ڪن، پر فوڪس رکن ته پروجيڪٽ آپريشنل هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button