سنڌ

ڪينجهر ڍنڍ ۾ لاٿ، ڪراچي کي پاڻي فراهمي معطل ٿيڻ جو خطرو

ڪينجهر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول جي ويجهو پهچي وئي، جنهن سان ڪراچي ۾ پاڻي کوٽ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. ڪينجهر ڍنڍ جي اسسٽنٽ انجنيئر جو چوڻ آهي ته ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 56 مان گهٽ ٿي 48 فوٽ تي اچي وئي ۽ پاڻي جي ليول 42 فوٽ ٿيڻ تي ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي بند ٿي ويندي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي کي هن ڍنڍ مان 1200 ڪيوسڪ پاڻي روز فراهم ڪيو ويندو آهي، گليشيئرز ۽ برساتن جو پاڻي ڍنڍ ۾ نه آيو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button