سنڌ

پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي زرعي معيشت کي خطرو آهي:منظور وساڻ

ملڪ ۾ پاڻي جو بحران وڌي ويو آهي، جنهن جي ڪري ڪڻڪ جو فصل گهٽ لهڻ جو خدشو آهي ارسا صوبن کي خبردار ڪيو آهي ته هن وقت پاڻي جي کوٽ 45 سيڪڙو تائين ٿي وئي آهي، حصي جو پورو پاڻي نه ملڻ سان سنڌ جي زرعي معيشت کي خطرو آهي. سنڌ جي زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ پنهنجي هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي، پاڻي کوٽ سبب ڪمند، انب، ساريون، مرچ زيتون ۽ کجين جي باغن کي نقصان ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي مزمل چيپل چيئرمين سيريل ايسوسيئيشن آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻاهران گهرائڻ جو امڪان وڌي ويو آهي. هن چيو ته شروعاتي اطلاعن مطابق هلندڙ سال 22 کان 23 ملين ٽن ڪڻڪ لٿي آهي. مزمل چيپل جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي منڊي ۾ به ڪڻڪ جي قيمت وڌي رهي آهي، بين الاقوامي منڊي ۾ ڪڻڪ جي قيمت 500 ڊالر پر ٽن ٿي وئي آهي، فوري طور تي درآمدي پاليسي ٺاهي ڪڻڪ بحران کي روڪي سگهجي ٿو. سيريل ايسوسيئيشن چيو ته خانگي شعبي کي درآمد جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن ڪڻڪ جي امڪاني بحران کي روڪي سگهجي. سندس چوڻ هو ته پيداوار ۾ گهٽتائي سبب حڪومتي ادارن کي به ڪڻڪ جي خريداري مڪمل ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button