پاڪستانسنڌ

ڪوٽ غلام محمد ۾ دڪان تي حملو، پي قتل، پٽ زخمي، ڌرڻو

ميرپورخاص: ڪوٽ غلام محمد ۾ ڏھون ميل موري شھر ڀرسان ڳوٺ مولوي حبيب الله خاصخيلي ۾ ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ جوابدارن پرچون جي دڪان تي حملو ڪري ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، رپيٽر جي گولي لڳڻ ڪري پرچون جي دڪان ۾ ويٺل حبيب الله خاصخيلي ۽ سندس پٽ وسيم خاصخيلي شديد زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد آندو ويو، جتان زخمين کي حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو، رستي ۾ زخمين مان حبيب الله خاصخيلي فوت ٿي ويو. ھوڏانھن ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي تي مقتول حبيب الله خاصخيلي جي ڀا محمد خان خاصخيلي جي فرياد تي منير احمد خاصخيلي، رياض احمد خاصخيلي، ابراھيم خاصخيلي ۽ عبدالرزاق خاصخيلي ۽ 3 نامعلوم ماڻھن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو. هوڏانهن زخمي وسيم خاصخيلي ٻڌايو ته جوابدار منير خاصخيلي ۽ رشيد خاصخيلي سميت ٻين جوابدارن پرچون جي دڪان تي حملو ڪري ريپٽر جا فائر ڪري منھنجي پي حبيب الله ۽ مون کي زخمي ڪيو. ٻئي پاسي حبيب الله خاصخيلي جو لاش تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف مقتول حبيب الله خاصخيلي جي قاتلن جي گرفتاري لا وارثن ۽ برادري جي سوين ماڻھن واگھريجي بس اسٽاپ تي مظاهرو ڪري ڪوٽ غلام محمد-ميرپورخاص مين روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته حبيب الله خاصخيلي کي قتل ڪندڙ جوابدار ڪيس داخل ٿيڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگھيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button