سنڌ

سنڌ جو عوام عمران نيازي کي گاهه نه وجهندو:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ پاڪستان جو خودمختيار صوبو آهي، سنڌ جو عوام سياسي طور باشعور آهي. ڄاڻي ٿو ته فيصلو ڪيئن ڪجي سنڌ جو عوام نيازي جھڙي چالاڪ، ڪوڙي ۽ بيوقوف ماڻھوءَ جي ڏٽن ۾ نه ايندو. عمران خان جي تقرير جي ردعمل ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ سنڌ جي عوام توهان جي اميدوارن کي ڏينهن ۾ تارا ڏيکاريا هئا. مران نيازي ڀلي پنهنجو شوق پورو ڪري، سنڌ جا ماڻهو کيس گاهه به نه وجهندا. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي سياسي ڏاهپ ۽ فيصلن کي سندس سخت مخالف به مڃين ٿا. صدر آصف علي زرداري 11 سالن جي قيد جي سختي ۽ گذريل ٽن ڏهاڪن جي ڪوڙن ڪيسن کي بهادريءَ سان منهن ڏنو. آصف علي زرداري تي اڄ تائين ڪو به الزام ثابت نه ٿي سگهيو آهي. عمران نيازي هاڻي توهان کي پنهنجي ڪرتوتن جو جواب ڏيڻو پوندو. توهان سياسي مخالفن تي الزام هڻي بچي نٿا سگهو. صوبائي وزير چيو ته عمران نيازي اٽي، کنڊ، دوائن، مالم جبه، بي آر ٽي، تيل جي کوٽ واري اسڪينڊل جو جواب ڏي. توهان گهر کان شروع ٿيندڙ گهپلن جو جواب ڏيو، جڏهن فرح خان ڪنهن به عهدي تي نه هئي ته کيس پرڏيهه ڇو موڪليو؟ هن چيو ته عمران نيازي جي شخصيت تضادن جو مجموعو آهي جنهن جو مظاهرو هو پنهنجي عمل ۽ شرانگيز بيانن ذريعي ڪري ٿو. هن چيو ته عمران نيازي جو ڪو به نظريو ناهي، قوم کي اهڙي متضاد شخصيت کان پري رهڻ گهرجي. عمران نيازي ملڪ کي شر ڏانهن ڌڪڻ تي بضد آهي. پاڪستان ۽ ان جي رياستي ادارن جي وٽس ڪا اهميت ناهي. عمران نيازي پاڻ کي پاڪستان، آئين ۽ قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو. پاڪستان کي عمران نيازي جي ضد، انا جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين. قومي قيادت ۽ پاڪستان جو عوام عمران نيازي جي ملڪ دشمن پروپيگنڊا جو ڀرپور جواب ڏيندو. هن چيو ته اقتدار جي محروميءَ هن شخص کي بوکلائي وڌو آهي، هو پنھنجي هر محسن کي ڏاڙهڻ لا ڊوڙي پوي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button