سنڌ

ڏهرڪي ۽ ڀرپاسي بدامني خلاف جسقم جي سڏ تي احتجاجي ريلي

ڏهرڪي ۽ ڀرپاسي ۾ ڦرون ۽ چوريون ٿيڻ خلاف جسقم جي سڏ تي ڪارڪنن ۽ شهرين سائين جي ايم سيد چوڪ کان ريلي ڪڍي جامع مسجد چوڪ آڏو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن فقير رمضان ڪلوڙ، حيدر خان شر، مير حسن لاشاري، امتياز ڀٽو، خان ڏهر، جاويد ديشي، سجاد لغاري، ڪامريڊ مڪيش ڪمار ۽ ٻين چيو ته ايس ايڇ او ڏهرڪي شفيع محمد گولو جي ڏهرڪي ٿاڻي تي مقرر ٿيڻ شرط شهر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، جنهن کانپو سندس مقرري جي هڪ مهيني دوران 30 کان مٿي ڦر ۽ چورين جون واداتون ٿيون آهن. هنن چيو ته تازو ئي ڦر دوران هٿياربندن کير وڪندڙ پورهيت الطاف ٻنڀ کي قتل ۽ روي ڪمار کي زخمي ڪيو پر اڃان پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. هنن چيو ته ڦر واقعن ۾ نامعلوم هٿياربند وڪيل صدام ڀٽو کان 6 لک روپيا، جروار واسي پرائمري استاد رجب بوزدار کان 12 لک روپيا، نوجوان سنجي ڪمار کان 4 لک روپيا ڦر ڪرڻ سميت موٽر سائيڪلن جي چوري جون درجين وارداتون ٿيون آهن، جنهن ڪري شهر ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي. ڦرون ۽ چوريون معمول بڻيل آهن..

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button