سنڌ

بي آر ٽي اورينج لائن مڪمل ٿيڻ تي ڪراچي کي مبارڪون:شرجيل ميمڻ

سڌ سما، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بي آر ٽي اورينج لائن (عبدالستار ايڌي لائن) مڪمل ٿيڻ تي ڪراچي کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صوبائي وزير چيو ته بي آر ٽي اورينج لائن جو پهريون فيز مڪمل ٿي ويو آهي ۽ انٽرا ڊسٽرڪٽ پيپلز بس سروس ڪراچي پورٽ تائين پهچي رهي آهي. هن چيو ته 49 بسن جو پهريون فيز مڪمل ٿيڻ کانپو ٻيون بسون به مختلف مرحلن ۾ هڪ مهيني اندر پهچي وينديون، جنهن سان ٽرانسپورٽ جو مسئلو ڪافي حد تائين حل ٿي ويندو. ٻئي پاسي هن ريڊ لائن ڪانٽريڪٽرن کي هدايت ڏني آھي ته پنهنجي وسيلن سميت پوري افرادي قوت کي پروجيڪٽ سائيٽ تي پهچائين ۽ ڇنڇر ڏينهن کان پروجيڪٽ تي فل فلو ۾ ڪم جي شروعات ڪن. ڇنڇر تي سائيٽ جو دورو ڪندس. اهي هدايتون هن بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ بابت ٽرانس ڪراچي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪيپٽن (رٽائرڊ) الطاف حسين ساريو، ٽرانس ڪراچي جي سي اي او واصف اجلال، سي ايف او جتن ڪمار، جي ايم /پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سيد مرتضٰي اصغر، پروجيڪٽ ڪنسلٽنٽ سهيل عابدي، ڪانٽريڪٽر زيڊ ڪي بي محمد عامر چٺا، ڪانٽريڪٽر امين جان ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ بي آر ٽي جي مسئلن ۽ رڪاوٽن تي تفصيلي سان غور ۽ ويچار ڪيو ويو.  صوبائي وزير چيو ته هي پروجيڪٽ ٻن سالن ۾ مڪمل ڪرڻو آهي، سنڌ حڪومت ٽرانس ڪراچي ۽ ڪانٽريڪٽرز سان مڪمل سهڪار ڪندي، مان ۽ منهنجي ٽيم 100 سيڪڙو توهان سان گڏ آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ريڊ لائن پروجيڪٽ ڪراچي جو اهم ترين پروجيڪٽ آهي، جنهن سان شهر جي انفرااسٽرڪچر ۾ بهتري، شهرين کي آرام دهه ۽ محفوظ سفري سهولت فراهم ٿيندي. حڪومت چاهي ٿي ته پروجيڪٽ جلد کان جلد مڪمل ٿئي. هن چيو ته ٽرانس ڪراچي يقيني بنائي ته پروجيڪٽ جي ڪم ۾ ڪابه رڪاوٽ نه اچي ۽ هڪ ڏينهن جي به دير نه ٿئي. ان موقعي تي ٽرانس ڪراچي جي سي اي او ٻڌايو ته ٽينڪ چوڪ کان صفوران چورنگي تائين چار ڪلو ميٽر کي ٻن سيڪشنز ۾ ورھائي، ڪانٽريڪٽرز حوالي ڪيو ويو آهي. يوٽيلٽي انسٽاليشن جي ڪري رڪاوٽون آيون آهن، جنھن ڪري رفتار ٿوري سست آهي .سوئي سدرن، ڪي اليڪٽرڪ، پي ٽي سي ايل، واٽر بورڊ سيمت ست يوٽيليٽي ڪمپنيز جي انسٽاليشن آهن. اجلاس دوران ٽرانسپورٽ جي وزير هدايت ڏني ته پروجيڪٽ ۾ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون. پروجيڪٽ ۾ غير ضروري دير ڪرڻ سان حڪومت تي تنقيد ٿئي ٿي ، جڏهن ته پروجيڪٽ جي لاڳت ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو ۽ حڪومت کي ڏنڊ  به ڀرڻا پون ٿا. شرجيل انعام ميمڻ پروجيڪٽ جي ٺيڪيدارن کي هدايت ڏني ته پروجيڪٽ تي ڪم کي تيز ڪن، ڪم جي معيار تي ڪوبه سمجهوتو قابل قبول نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button