اسلام آبادپاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ بابت قومي اسيمبلي ۾ پڙاڏو،ڪميٽي ٺاهي جائزو وٺڻ جو مطالبو

اسلام آباد :قومي اسيمبلي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي تي بحث ٿيو، ايوان کي يقين ڏياريو ويو آهي ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي تي لاڳاپيل وزير اڄ تفصيلي بيان ڏيندو. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي جي ڊي اي جي غوث بخش مهر چيو ته سنڌ کي پاڻي جي کوٽ درپيش آهي، ايستائين جو جانورن جي پيئڻ لاءِ به پاڻي موجود نه آهي، ان حوالي سان اسان جي ڳالهه ٻڌي جواب ڏنو وڃي. چيو پيو وڃي ته قرارداد اچي رهي آهي، اعتماد ۾ ورتو وڃي. وفاقي وزير نويد قمر چيو ته سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي وئي آهي. سنڌ جا هيٺيان ضلعا ان صوتحال کان شديد متاثر آهن، آبي وسيلن وارو وفاقي وزير اها سڄي صورتحال ڏسي رهيو آهي. اڄ ان معاملي تي لاڳاپيل وزير جامع بيان ڏيندو. شيخ فياض الدين چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، هن وقت تائين 20 هزار جانور مري چڪا آهن، ان مسئلي تي ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي. اسپيڪر چيو ته اهو اهم مسئلو آهي ان تي بحث ڪرايو ويندو. ڊاڪٽر فهميده مرزا ذاتي وضاحت واري نقطي تي چيو ته حڪومتي سيٽن تي ويهندڙ ماڻهن کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر صابر حسين قائمخاني چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، اسان جو جر جو پاڻي به کارو آهي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آهي، ان معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي. هن چيو ته هڪ ڪميٽي ٺاهي سنڌ ۾ آبپاشي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي مسئلي جو جائزو ورتو وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ هينئر سخت گرمي آهي ۽ اسان کي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، عيد جي ڏينهن ۾ ماڻهن بجلي جي فراهمي تي سک جو ساهه کنيو هو، اهڙي طرح هاڻي به حڪومت ان مسئلي کي حل ڪري. جڏهن ته قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته حڪومت ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪنٽرول روم جي قيام سميت گودامن تي ٽريڪر لڳائڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي. جون تائين سرڪاري ڪڻڪ جي خريداري جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ٻاهران ڪڻڪ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. سوالن واري وقفي دوران طاهرا اورنگزيب جي سوال جي جواب ۾ واپار واري وفاقي وزير نويد قمر چيو ته ماضي ۾ غير معياري ڪڻڪ درآمد ڪئي ويندي رهي، پر هاڻي جيڪا درآمد ڪئي پئي وڃي اها هڪ معيار موجب درآمد ڪئي پئي وڃي. هاڻي غير معياري ڪڻڪ جو پاڪستان اچڻ مشڪل آهي. ڊاڪٽر فهميده مرزا جي هڪ ضمني سوال جي جواب ۾ واپار واري وزير نويد قمر چيو ته اسان گذريل حڪومتي دور ۾ ڪڻڪ جي آبادگارن کي مراعتون ڏنيون جنهن جي ڪري ڪڻڪ ۾ اسان پاڻڀرا هئاسين، پر گذريل ڪجهه سالن ۾ ڀاڻ بروقت ۽ مهانگو ملڻ، پاڻي جي کوٽ سميت ڪيترن ئي سببن جي ڪري فصل گهٽ ٿي رهيو آهي، جون تائين سرڪاري ڪڻڪ جي خريداري جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو ان کانپوءِ ٻاهران ڪڻڪ گهرائڻ جو ڪو حتمي فيصلو ڪيو ويندو. وزيراعظم ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪڻ جي حوالي سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي آهي، اسان ڪڻڪ جي گودامن تي ٽريڪرز لڳائڻ ۽ ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪنٽرول رومز به ٺاهڻ جو سوچي رهيا آهيون، سائره بانو جي ضمني سوال جي جواب ۾ نويد قمر چيو ته ڪڻڪ جي گودامن کي ڪوئن کان بچائڻ لاءِ به ڪم ٿي رهيو آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته گهٽ کان گهٽ ڪڻڪ ٻاهران گهرايون. جڏهن ته اسپيڪر راجا پرويز اشرف نجڪاري ٽرانزيڪشنز جي حوالي سان سوال ايوان جي نجڪاري ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه ميمبر نور عالم خان چيو آهي ته گذريل ڏينهن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي حوالي سان ميڊيا ۾ خبر کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي. پرائيويٽ ميمبر بل جو مقصد صرف آمريڪا، برطانيه ۽ ڪينڊا ۾ ٻٽي شهريت رکندڙن کي ووٽ جو حق نه ڏيڻ جي ڳالهه آهي، ٻين ملڪن ۾ رهندڙ صرف پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ سمورن پاڪستانين کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي. جڏهن ته مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتن جون سيٽون وڌائڻ، ويمن بئنڪ جي صدر جي عهدي تي عورت کي مقرر ڪرڻ سميت اهم نقطا اٿاريا. اعتراض واري نقطي تي ميمبر راجا مبشر اقبال چيو ته ڪاهنه واري واقعي تي متاثرين کي معاوضو ڏنو وڃي، نويد جيوا چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن لاءِ اقليتي سيٽن تي خدشا آهن، چونڊ سڌارا ڪميٽي ۾ اقليتن جي نمائندگي يقيني بڻائي وڃي. قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ اقليتن جي سيٽن ۾ اضافو ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي ميمبر نصيبا چنا چيو ته فرسٽ ويمن بئنڪ جو سربراهه مرد کي بڻايو ويو آهي، هتي عورت کي صدر بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button