سنڌ

نواب شاهه ۾ رهواسين جو بااثر ماڻهن جي زيادتين خلاف احتجاج

نواب شاهه ۾ ڳوٺ شھمير چانڊيو جي رهواسين غلام نبي چانڊيو، نويد چانڊيو، طارق رضا چانڊيو ۽ ٻين بااثر ماڻهن جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هنن چيو ته بااثر زميندار قربان چانڊيو ۽ لطف چانڊيو چوريون ڪرائي ڳوٺ جي غريب ھارين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائين ٿا. ھاري رب نواز، مير نواز ۽ محمد نواز خلاف تعلقي ٿاڻي تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ چاهين ٿا ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. مظاهرين مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيرن جي ظلم جو نوٽيس وٺي پوليس کي لغام ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button