سنڌ

نواب شاهه ۾ بيروزگار نوجوانن جي نوڪرين لا بک هڙتال

نوابشاهه جي علائقي چانڊيا ڪالوني جي رھواسي نوجوانن نوڪريون نه ملڻ خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته اسان پيپلزپارٽي جا پراڻا ورڪر آھيون، جڏھن ته اسان جي ابن ڏاڏن پيپلز پارٽي لاءِ پوري زندگي وقف ڪري ڇڏي پر انتھائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان بيروزگار نوجوان نوڪري لاءِ درخواستون ڏئي ٿڪجي پيا آھيون پر اسان کي ھميشه جيان ھن ڀيري به نظرانداز ڪيو ويو آھي. ھنن چيو ته اسان غريب مسڪين آھيون اسان جا ڪيترائي گھر آھن پر ھڪ کي به نوڪري ناھي ملي. ھنن مطالبو ڪيو ته اسان کي نوڪريون ڏئي بي چيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button