سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پيرسن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ واحد بخش آگاڻي جي رهواسين قتل ٿيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي پيرسن پيءُ عجب پنهنجي زال نصرت، ڌيءَ راشده ۽ سس سانئڻ سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل آچر جي رات مجاهد آگاڻي منهنجي 35 ورهين جي شادي شده پٽ اعجاز آگاڻي کي سندس گهرواري ۽ کير پياڪ پٽ سان گڏجي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري پٽ جو لاش دودائي ريلوي ڦاٽڪ وٽ اڇلائي ڇڏيو، جنهن بعد پوليس لاش هٿ ڪري لاوارث ڄاڻائي ايڌي حوالي ڪري ڇڏيو جن لاش کي لاوارث قرار ڏئي دفنائي ڇڏيو، بعد ۾سوشل ميڊيا ذريعي تصويرون وائرل ٿيڻ تي پٽ جي لاش جي تصديق ٿي. هن الزام لڳايو ته مقتول پٽ اعجاز جي شادي ڪجهه عرصو اڳ رضيه آگاڻي سان ٿي، جنهن جو اڳوڻو مڙس قدير آگاڻي هو جنهن کي به مجاهد آگاڻي قتل ڪيو هو، هو رضيه کي طلاق ڏيارڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندو هو، جنهن پٽ کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي. ويتر ننهن رضيه ۽ سندس ٻار صدورو کي اغوا ڪري گم ڪيو ويو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button