سنڌ

”پٽ جا قاتل گرفتار ڪريو“ لاڙڪاڻي ۾باقراڻي واسي پيرسن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ تعلقي باقراڻي جي ڳوٺ اسحاق کونهارو جي رهواسي پيرسن 15 سال اڳ مبينا قتل ٿيل نوجوان پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن علي محمد ابڙو دانهيندي الزام لڳايو ته 2007ع دوران نوجوان پٽ اڪبر علي ابڙو کي سڱاوتي معاملي تان جوابدار الهه رکيو موجائي، رزاق موجائي ۽ ٻين قتل ڪيو هو. واقعي جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي داخل هجڻ باوجود پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان مسلسل احتجاج باوجود ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو، خدشو آهي ته پٽ جو خون لڙهي ويندو. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري خون سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button