سنڌ

رتوديرو شهر ۾ پبلڪ لائبريري ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

رتوديرو شهر جي شاهه لطيف پبلڪ لائبريري ۾ سهولتن جي اڻاٺ هجڻ سبب شاگردن رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي حسنين لڪ، طاهر چانڊيو، عبدالرحمٰن سومرو، محمد علي، عبدالرحيم، طالب ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شاهه لطيف شهر جي واحد لائبرري آهي جتي شهري ۽ شاگرد پڙهڻ لاءِ اچن ٿا پر لائبريري ۾ انهن لاءِ ڪا سهولت ناهي. هنن چيو ته 300 کان وڌيڪ شاگرد هتي روز اچن ٿا جن ۾ 30 کان وڌيڪ شاگرد سي ايس ايس جي تياري ڪرڻ لاءِ ايندا آهن پر لائبريري ۾ ڪا سهولت ميسر ناهي. هنن چيو ته لائبرري ۾ نيٽ ۽ نه ئي پيئڻ لاءِ مٺي پاڻي جي سهولت آهي.هنن وزير ثقافت، ڊي جي ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته لائبريري ۾ سهولتون ڏئي شاگردن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button