سنڌ

قمبر جي پبلڪ لائبريري ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر جي پبلڪ لائبرري ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردن راشد گوپانگ، سھيل احمد، ادريس جوڻيجو، ڪامران علي، ريحان چانڊيو، نجف علي ۽ ٻين پبلڪ لائبريري جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته لائبريري جو ڪم هن وقت تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي. لائبريري اندر پڙهڻ لاءِ بڪس ۽ ويهڻ لاءِ فرنيچر بجلي ناهي جنهن ڪري گهڻي تڪليف ٿئي ٿي. شاگردن وڌيڪ چيو ته لائبريري ۾ سهولتون نه هئڻ ڪري هتان جا شاگرد لاڙڪاڻي ڪرايا ڀاڙا خرچ ڪري لائبريري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وڃن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته لائبريري ۾ فرنيچر، ڪتاب، بجلي ۽ عملي سميت ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن ته جيئن بهتر تعليم حاصل ڪري سگھون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button