سنڌ

قمبر ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس جي ڏاڍ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر جي ٿاڻو سنجر ڀٽي جي حد ڳوٺ شهباز خان چانڊيو جي رهواسين پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن عبدالحميد چانڊيو، عرفان علي، معتبر چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هفتو اڳ سنجر ڀٽي ٿاڻي جي پوليس اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان جي 7 ڄڻن بلال، عمران، حبدار، الا بخش، آزاد، حسن علي، زرق خان چانڊيو ۽ ٻن عورتن سردار خاتون، عظمت خاتون سميت چوپايو مال، موٽرسائڪيلون، روڪ رقم ۽ اناج کڻي ويا آهن جيڪو سراسر ظلم آهي. هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button