لاڙڪاڻي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب گورنمينٽ گرلس هائير سيڪندري اسڪول ۾ سالياني امتحانن دوران شاگردياڻن توڙي ماسترياڻين کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، شاگردياڻيون سخت گرمي ۾ امتحان ڏيڻ تي مجبور ٿي پيون. شڪايت باوجود اسڪول جي بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي. ان حوالي سان اسڪول جي پرنسپال ممتاز سولنگي ٻڌايو ته اسان جي اسڪول ۾ سومر ڏينهن کان ڇهين، ستين ۽ اٺين ڪلاس جا امتحان هلندڙ آهن پر ان دوران سيپڪو صبح نائين وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين مسلسل لوڊشيڊنگ ڪري شاگردياڻين کي امتحان ڏيڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، ان لاءِ سيپڪو وارن کي شڪايتون ڪيون پر ان باوجود سيپڪو وارن کي ڪو رحم نه پيو اچي. هن مطالبو ڪيو ته امتحان دوران بجلي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ته جيئن شاگردياڻيون بهتر نموني امتحان ڏئي سگهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close