عالمي

دنيا جو قيمتي اڇو هيرو دي راڪ 4 ارب رپين ۾ وڪرو ٿي ويو

دنيا جي سڀ کان وڌيڪ قيمتي اڇي هيرو دي راڪ کي نيلامي جي هڪ وڏي ٻولي لڳڻ بعد 2 ڪروڙ 19 لک ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو آهي، جيڪا رقم پاڪستان ڪرنسي ۾ 4 ارب رپين کان وڌيڪ ٿئي ٿي. ميڊيا مطابق گالف جي بال کان وڏي سائيز واري ناشپتي جي شڪل جهڙو اڇو هيرو دي راڪ 228 قيراط جو آهي، جنهن کي جنيوا ۾ نيلام ڪيو ويو آهي.

مهانگن اگهن ۾ وڪرو ٿيندڙ قيمتي هيرا

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ هن هيري جي قيمت 3 ڪروڙ 20 لک ڊالر هجڻ جو اندازو لڳايو ويو هو، جيڪو ڪٿيل رقم کان گهٽ اگهه تي نيلام ٿيو آهي. ان کان اڳ هڪ 163 ڏهائي 41 قيراط جو اڇو هيرو 3 ڪروڙ 38 لک ڊالرن ۾ وڪرو ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button