سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ سرائي ڳڙهي محمد نواز عمراڻي جي رهواسين هڪ مهينو 11 ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان مبينا قتل ٿيل ڳوٺاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي علي نواز عمراڻي پنهنجي ڀاءُ محمد نواز عمراڻي، ڀائٽين عاشق علي، امتياز علي، ڀاڻيجي امتياز علي عمراڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته لاهوري ريگيوليٽر وٽ 2 مارچ تي جوابدار محمد علي عمراڻي، اسماعيل عمراڻي، غلام شبير عمراڻي، روشن عمراڻي، غلام علي عمراڻي ۽ ٻين فائرنگ ڪري ڀاءُ داد محمد عمراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو هو، واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس هڪ جوابدار اسماعيل عمراڻي کي گرفتار ڪيو آهي. هن الزام لڳايو ته ڪجھه ڏينهن اڳ جوابدار ڌر ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ نوجوان مدد علي عمراڻي کي گولي هنئي، اسان تعلقي ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڀاءُ جي قتل ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button