سنڌ

”پٽ جو علاج ڪرايو“ لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي پراڻي اسٽان واري علائقي جي رهواسي پورهيت نوجوان جهٽڪن جي بيماري ۾ مبتلا 6 ورهين جي پٽ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت نوجوان غلام مصطفيٰ ڀٽي معصوم پٽ سان گڏجي دانهيندي چيو ته مان غريب پورهيت آهيان، پڪوڙن جي دڪان تي مزدوري ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان. هن چيو ته سال اڳ 6 ورهين جي پٽ ظهير احمد ڀٽي کي جهٽڪو ٿيو هو، جيڪي اڃا تائين بيماري ۾ مبتلا آهي، گهر جو الهه تلهه وڪڻي لاڙڪاڻي سميت سکر جي مختلف اسپتالن مان پٽ جو علاج ڪرايو آهي پر پوءِ به طبيعت ۾ ڪو سڌارو نه اچي سگهيو آهي، هن وقت ڊاڪٽرن مشورو ڏنو آهي ته پٽ جو علاج ڪراچي انڊس اسپتال مان ممڪن آهي، پر مون وٽ ايتري سگھه نه آهي جو معصوم پٽ جو علاج ڪرائي سگهان، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميه ۽ وس وارن کي اپيل آهي ته معصوم پٽ جو علاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button