اسلام آبادپاڪستان

چورن کي آڻڻ کان بهتر هو ته ملڪ تي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏجي ها: عمران خان

اسلام آباد/ مردان: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن چونڊن جي تاريخ نه ڏني وئي ته اسلام آباد ايندڙ سمنڊ سڀني کي لوڙهي ڇڏيندو، هنن چورن کي اقتدار ۾ آڻڻ کان بهتر هو ته ملڪ تي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏجي ها. عمران خان چيو ته مون “نيوٽرلز” کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن سازش ڪامياب ٿي ته معاشي بحالي ٻڏي ويندي. عمران خان جو چوڻ هو ته مون کي اسٽيلبشمينٽ مان پيغام اچي رهيا آهن پر مان ڪنهن سان نه پيو ڳالهايان، مان انهن ماڻهن جا نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شهباز شريف کانسواءِ به مير جعفر ۽ مير صادق جا ڪردار آهن، وقت اچڻ تي سڀني ڪردارن جا نالا کڻندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button