اسلام آبادپاڪستان

48 ڪلاڪن ۾ حتمي فيصلو ڪري عوام کي اعتماد ۾ وٺنداسين:وفاقي حڪومت

اسلام آباد/لنڊن:پاڪستان جي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ حتمي فيصلو ڪري پاڪستاني عوام کي اعتماد ۾ وٺنداسين. ڪالهه به لنڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن سان مشاورت جاري رهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ان حوالي سان آچر تائين حتمي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان سموريون صلاحون پنهنجي اتحادين اڳيان رکنداسين ڇو ته اسان اڪيلو فيصلا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون، ڇاڪاڻ ته اسٽيڪ سڀني اتحادي پارٽين جو آهي رڳو اسان جو نه. عمران خان جي حوالي سان پڇيل سوال تي هن چيو ته اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي، رڳو پاڪستاني قوم جو دٻاءُ آهي. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب معيشت جي تباهي ۽ ڊالر جي تاريخي بلندي جو ذميوار عمران خان کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جمعي تي وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان کي وڏن مسئلن ۾ عمران خان ڌڪي ڇڏيو آهي. ڊالر ۾ تاريخي واڌ ٿي رهي آهي ته عمران خان ذميوار آهي. ڊالر 193 تي عمران خان جي ڪري ئي ٿيو آهي. هن چيو ته آئي ايم ايف جي معاهدي تي عمران صاحب صحيحون ڪيون، جنهن جي سزا عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ ملي رهي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ 4 سال نالائقن، نااهلن ڪارٽرلز ۽ عمران مافيا جي حڪومت سبب معاشي دهشتگردي ڪئي وئي. ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام عمران خان جي ڪري ئي آهي. هن چيو ته پيٽرول جي مد ۾ عمران خان پنهنجي ناڪام سياست کي بچائڻ لاءِ ناقابل تلافي نقصان ڪيو. ان جو بار اڄ عوام تي پئجي رهيو آهي. هن چيو ته مشڪل فيصلا ڪيا پيا وڃن، ان جو ذميوار عمران صاحب آهي. هن چيو ته عمران صاحب شور نه مچايو، مهانگائي جو جواب ڏيو، معاشي تباهي جو حساب ڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button