عالمي

گڏيل عرب امارتن جو صدر شيخ خليفه بن زايد لاڏاڻو ڪري ويو

ابوظهبي: گڏيل عرب امارتن جو صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان لاڏاڻو ڪري ويو. گڏيل عرب امارتن جي سرڪاري خابرو ايجنسي خليفه بن زايد النهيان جي الاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته صدر جي لاڏاڻي تي 40 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي 40 ڏينهن جي سوڳ سان گڏ 3 ڏينهن جي عام موڪل به هوندي، جڏهن ته ان دوران قومي جهنڊو جهڪيل رهندو. صدارتي اعلان ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي سرڪاري ۽ خانگي شعبي ۾ ٽن ڏينهن تائين موڪل رهندي. واضح رهي ته شيخ خليفه بن زايد النهيان 3 نومبر 2004ع کان گڏيل عرب امارتن جو حڪمران ٿيو ۽ هن پنهنجي والد شيخ زايد بن سلطان النهيان جي لاڏاڻي کانپوءِ يو اي اي جي قيادت سنڀالي هئي.شيخ خليفه جي لاڏاڻي تي وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽُو زرداري ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل عرب امارتن هڪ عظيم ليڊر ۽ پاڪستان هڪ بهترين دوست وڃايو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون يو اي اي جي عوام ۽ شاهي خاندان جي عوام ۾ برابر جو شريڪ آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button