اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو سان پاڪستان ۾ مقرر سوئيٽزرلينڊ جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ مقرر سوئيٽزرلينڊ جي سفير ڪالهه هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سوئيٽزرلينڊ جي سفير بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير سوئيس سفير جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سوئيٽزرلينڊ پاڪستان ۾ پهرين 10 سيڙپڪار ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ وڌيڪ سوئس ڪمپنين کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڀليڪار چونداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button