اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جي آئي ايم ايف سان معاهدي سبب مهانگائي وڌي آهي:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد : ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ڊالر جي اڏام ۽ مهانگائي ۾ واڌ عمران خان جو آئي ايم ايف سان معاهدو ۽ وري ان جي خلاف ورزي جا اثر آهن. عمران خان جيڪو معاهدو ڪيو آهي، ان جي دلدل مان نڪرنداسين ته ڊالر هيٺ ايندو. اسٽاڪ ايڪسچينج ٻيهر مٿي ويندي. هن چيو ته عمران خان معيشت کي جنهن جڳهه تي ڇڏي ويو، ان کي واپس آڻڻ آسان ڪم نه آهي پر انشاءالله اسان ان کي واپس ضرور آڻينداسين. هن چيو ته پيٽرول تي سبسڊي پاڪستان جي معاشي صورتحال کي سخت مالي دٻاءُ ۾ آندو. هن چيو ته عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت خريد ۽ پاڪستان ۾ قيمت فروخت جي وچ ۾ فرق سان حڪومت کي ارپين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. هن مهيني ۾ تقريبن 120 ارب رپين جو نقصان ٿيو هو، جيڪو سويلين حڪومت هلائڻ جي خرچ کان 3 ڀيرا وڌيڪ آهي. هن چيو ته ايڏو وڏو خسارو ڪابه حڪومت برداشت نٿي ڪري سگهي. انهي سبب سمورين مارڪيٽن ۾ هلچل ٿي آهي ۽ مهانگائي وڌي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت وٽ پئسا نه هجن ۽ وري به سبسڊي ڏي ته وڌيڪ قرض کڻڻو پوندو آهي. ان سبب وياج جي شرح ۾ واڌ سان گڏ رپئي تي به دٻاءُ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض کنيو، 71 سالن ۾ پاڪستان جيترو گڏيل قرض کنيو. عمران خان ساڍن ٽن سالن ۾ ان جو 80 سيڪڙو قرض کنيو. عمران خان جواب ڏي ته 115 کان ڊالر 179 تي ڇو ويو؟ جڏهن اسان آيا هئاسين ته ڊالر 179 تي هو. شهبازشريف جي اچڻ کان پوءِ ڊالر هيٺ ڪريو هو. اسٽاڪ ايڪسچيج کي شهبازشريف تي اعتماد هو، ان لاءِ 1700 پوائنٽس جو اضافو ٿيو هو. هن چيو ته عمران خان کي ملڪ ۽ قوم جي خلاف پنهنجي ڏوهن جو جواب ڏيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button