اسلام آبادپاڪستان

سي سي آ جي منظوري،پنجاب جا 4 ۽ سنڌ جا 2 ميمبر شامل هوندا

اسلام آباد :صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آ) جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. منظوري وزيراعظم جي ايڊوائز تي آئين جي آرٽيڪل 153 تحت ڏني وئي آهي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن ۽ 3 نامزد وفاقي وزيرن تي ٻڌل هوندي آهي. ڪائونسل ۾ 3 وفاقي وزير آرٽيڪل (2) 153 تحت وزيراعظم طرفان نامزد ڪيا ويا آهن. وفاقي وزير احسن اقبال، نويد قمر ۽ ريلوي وارو وزير ۽ هوابازي خواجا سعد رفيق بطور ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. آئين موجب سي سي آءِ وفاقي انتظاميا پاران معاملن تي پاليسيون ٺاهڻ ۽ ان کي منظم ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ادارن جي نگراني ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جي ذميوار آهي. ان حوالي سان آئين ۾ واضح آهي ته “وزيراعظم جي حلف برداري جي 30 ڏينهن اندر ڪائونسل جوڙي ويندي”. اجلاس ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سي سي آءِ جو اجلاس 90 ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ٿيڻ گهرجي پر ايمرجنسي جي صورت ۾ وزيراعظم صوبن جي درخواست تي هنگامي بنيادن تي اجلاس گهرائي سگهي ٿو. 1973ع جي آئين تحت قائم ڪيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اهميت 18هين ترميم کان پوءِ وڌي وئي آهي ۽ ڪائونسل ۾ فيصلا اڪثريت جي بنياد تي ڪيا ويندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button