پاڪستانسنڌ

جهمپير ڀرسان ريل گاڏي پٽڙي تان لهي وئي، 10 مسافر معمولي زخمي

ڪوٽڙي/جهمپير: جهمپير ويجهو ميٽنگ ريلوي اسٽيشن تي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ رحمان بابا ايڪسپريس سان حادثو پيش آيو، جنهن سبب ريل گاڏي جا چار مسافر گاڏا پٽڙي تان لهي ويا، جڏهن ته ريل گاڏي جي انجڻ ڪلٽي ٿي پئي، حادثي سبب ريلوي ٽريڪ کي وڏو نقصان پهتو. حادثي سبب ڪراچي کان پنجاب ويندڙ سموريون ريل گاڏيون مختلف ريلوي اسٽيشنن تي روڪيون ويون. حادثي سبب 10 مسافر معمولي زخمي ٿي پيا، ريسڪيو آپريشن جي مڪمل ٿيڻ بعد ريلوي اختيارين ريلوي ٽريڪ جي بحالي لا ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي متبادل ريل گاڏي دير سان اچڻ سبب سخت گرمي ۾ مسافر پريشان ٿي ويا. هوڏانهن حيدرآباد کان پاڪ فوج جي ريسڪيو ٽيم پهچي آپريشن ۾ حصو ورتو. جڏهن ته ڊي سي ٺٽو غضنفر علي قادري، اي سي ٺٽو ۽ ٻين عملدارن حادثي واري هنڌ پهچي ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪئي، جنهن بعد ڪراچي کان پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽرينن کي متبادل طور هڪ ئي ٽريڪ تان گذارڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ريلوي انتظاميا موجب متاثر ٿيل ريلوي ٽريڪ جي بحالي ۾ هڪ کان 2 ڏينهن لڳي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ريلوي ٽريڪ 2 سئو فُوٽن تائين متاثر ٿي آھي. حادثي جي متاثر مسافرن کي متبادل رليف ٽرين ذريعي ڪراچي روانو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button